جهان خان ثاني

جهان خان (ثاني): خان ثاني'>جهان خان ثاني، عالم خان بهادر جو پٽ هو. عالم خان مير رستم خان ٽالپر جي فوج جو جرنيل هو ۽ سندس پٽ خان ثاني'>جهان خان ثاني به جرنيلن ۾ شامل هو. جڏهن ميرن شڪارپور جو شهر هٿ ڪيو، تڏهن عالم خان خيرپور جي ميرن طرفان اتي جو ناظم مقرر ٿيو. کرڙيءَ جي جنگ کان هڪ ڏينهن اڳ شاهه شجاع جي لشڪر سان وڙهندي عالم خان شهيد ٿي ويو. خان ثاني'>جهان خان ثاني پنهنجي پيءُ کان وڌيڪ بهادر مرد هو. هن جڏهن پنهنجي والد جي شهادت جو ٻڌو ته هڪدم پيءُ جي قاتل حاجي هدايت الله خان تي لشڪر ڪشي ڪري، کيس قتل ڪري پيءُ جو پلاند ورتائين. ٻئي ڏينهن پنجاهه سٺ بهادرن سان گڏ کرڙيءَ جي جنگ ۾ لهي پيو ۽ ٽالپرن طرفان شاهه شجاع جي لشڪر سان خوب وڙهيو. بلوچن جي رسم موجب جهان خان ۽ سندس ساٿي هڪ ٻئي سان ڏانوڻن ۾ ٻڌجي، تلوارون هلائڻ لڳا ۽ دشمن جي فوج جا ڪيترائي ماڻهو قتل ڪرڻ کانپوءِ وڃي شهيد ٿيا. جهان خان جنگ ۾ زخمي ٿيڻ کانپوءِ به اٿي دشمنن جي فوج تي حملا ڪيا تان جو ٽن سپاهين مٿس هڪ ئي وقت تلوارن جا وار ڪري کيس شهيد ڪري ڇڏيو. خيرپور جي نامور مرثيه گو شاعر آخوند عالم ڪربلائي (مرزا مراد علي بيگ سائل جي شاگرد) کرڙيءَ جي جنگ تي لکيل فارسي مثنوي ’شاهنامه‘ ۾ جهان خان ثانيءَ جي وڏي تعريف ڪئي آهي. ڪجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا:
جهان خان جهان را به حيرت فگ
کــه بيـخ درخــتِ خـبــاثــت بکــنــد. [جهان خان جهان کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو ۽ خبيثن جي وڻ جي پاڙ پٽي ڇڏيائين.]
چو حُـرِّ شهيد از جهانِ فنا،
روان شد روانش به عالم بقا.
[هو فاني جهان مان حضرت حر شهيد وانگر ملڪ بقا ڏي روانو ٿي ويو.]
مـيــانِ شـجـاعــان مــاههِ لــقــا،
منورچـون خـورشيـد شـد در سها.
[هو بهادرن جي وچ ۾ چنڊ وانگر هو ۽ هميشه سج وانگر روشن هوندو هو.]


لفظ جهان خان ثانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو